جامع مسجد ناوڙا

جامع مسجد ناوڙا: هي گول قبي واري مسجد جي نالي سان مشهور آهي، جيڪا ضلعي جيڪب آباد جي اڳوڻي صوبائي وزير در محمد اوستي جي سهري حاجي ڪريم ڏني خان اوستي 1883ع ۾ تعمير ڪرائي هئي. هن مسجد جي ڇت گول قبي جيان ٺهيل آهي، جنهن جي اوچائي اٽڪل 60 فوٽ کن ٿيندي، ان ڪري تمام گهڻو پري کان ڏسڻ ۾ ايندي آهي. مسجد جي اندر هال ۾ چئني ڪنڊن تي گول محراب ٺهيل آهن، جيڪي اسلامي تهذيب ۽ تمدن جو اهڃاڻ پيش ڪن ٿا. <


هن صفحي کي شيئر ڪريو